Sunday, December 29, 2013

سنڌي الف بي جي پٽي جو تجزيو

سنڌي الف بي جي پٽي جو تجزيو

سنڌي الف بي جي پٽي

ا ب ٻ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث پ ج ڄ جھ ڃ چ ڇ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ڦ ق ڪ ک گ ڳ گھ ڱ ل م ن ڻ و ه ء ي.

انگريزي الفا بيٽ

A B C D E F G H I J K L M N O P Q R S T U V W X Y Z.

سنڌي جي الف بي تمام مشڪل آهي.ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سنڌي ٻولي تمام امير آهي،جو ان ۾ ايترا ته آواز آهن،جن جي اظهار لاء 52 اکر آهن.پر مسئلو هي آهي ته 52 اکرن جي اظهار لاءِ صرف 21 نشانيون استعمال ڪيون ويون آهن. باقي سڀ ڪم نقطن کان ورتو ويو آهي.سنڌي الف بي ۾ ڪل72 نقطا آهن. جڏهن ته توهان ڏسندا ته انگريزي جي الفابيٽ ۾ صرف 26 اکر آهن پر انهن جي اظهار لاءِ به 26 ئي نشانيون آهن.
ان کانسواءِ سنڌي ٻولي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ آوازن جي اظهار لاءِ اعرابن جي به ضرورت پوي ٿي.اعرابن سان گڏوگڏ و،ي، وغيره کي ملائي آواز به ٺهن ٿا، جيڪي وري پهرين ڪلاس جي درسي ڪتاب کان پهريائين ٻارن کي پڙهايا وڃن ٿا.مطلب ته انهن سڀني سببن جي ڪري سنڌي پڙهڻ ۽ لکڻ ٻار لاءِ مشڪل بڻجيو پوي.تنهنڪري ٻار انگريزي ۽ عددن جي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺن ٿا.


Monday, December 23, 2013

آسان الف بي

آسان الف بي

اسان وٽ اسڪولن ۾ استاد ٻارن کي جنهن نموني سان الف بي پڙهائين ٿا،تنهن جي ڪري ٻارن جي ذهن ۾ هڪ غير محسوس ٿيندڙ مونجھارو پيدا ٿئي ٿو.ا کي الف اک يا الف انب وغيره،ب کي ب بدڪ  پڙهايو وڃي ٿو.ان انداز سان پڙهائڻ جي ڪري ٻار جي ذهن ۾ الف ۽ انب جا آواز مڪس ٿي وڃن ٿا.اهو لاشعوري مونجھارو ٻار جي سکڻ جي رفتار کي متاثر ڪري ٿو.الف بي کانپوءِ زبرون پڙهايون وڃن ٿيون.جيڪي ڪجھ هن طرح سان پڙهايون وينديون آهن.الف زبر اَ.ب زبربَ.هتي صرف الف ۽ ب جا آواز اچن ٿا.جن کانپوءِ هجي ۾ زبر جو آواز اچي ٿو.انهن آوازن کي ٻارن کي پڙهڻ ۾ وڌيڪ آساني تڏهن ٿيندي جڏهن کين انهن  اکرن جي آوازن  کي  انهن مان ٺهندڙ لفظن جي آوازن کان الڳ ڪري پڙهايو ويندو.
تنهنڪري بهتر آهي ته الف بي پڙهائڻ وقت اکر جي آواز ۽ ان مان ٺهندڙ لفظن جي آوازن ۾ فاصلو پيدا ڪري انهن آوازن کي پاڻ مان ملڻ کان بچائجي.
تنهنڪري الف بي پڙهائڻ جو بهترطريقو ڪجھ هن طرح سان آهي.
الف سان اک،ب سان بدڪ،ٻ سان ٻڪ.اهو ئي طريقو انگريزي الفا بيٽ پڙهائڻ لاءِ اڳي ئي رائج آهي.جيئن ته اي فار ايپل،بِي فار بيگ وغيره.