Monday, December 23, 2013

آسان الف بي

آسان الف بي

اسان وٽ اسڪولن ۾ استاد ٻارن کي جنهن نموني سان الف بي پڙهائين ٿا،تنهن جي ڪري ٻارن جي ذهن ۾ هڪ غير محسوس ٿيندڙ مونجھارو پيدا ٿئي ٿو.ا کي الف اک يا الف انب وغيره،ب کي ب بدڪ  پڙهايو وڃي ٿو.ان انداز سان پڙهائڻ جي ڪري ٻار جي ذهن ۾ الف ۽ انب جا آواز مڪس ٿي وڃن ٿا.اهو لاشعوري مونجھارو ٻار جي سکڻ جي رفتار کي متاثر ڪري ٿو.الف بي کانپوءِ زبرون پڙهايون وڃن ٿيون.جيڪي ڪجھ هن طرح سان پڙهايون وينديون آهن.الف زبر اَ.ب زبربَ.هتي صرف الف ۽ ب جا آواز اچن ٿا.جن کانپوءِ هجي ۾ زبر جو آواز اچي ٿو.انهن آوازن کي ٻارن کي پڙهڻ ۾ وڌيڪ آساني تڏهن ٿيندي جڏهن کين انهن  اکرن جي آوازن  کي  انهن مان ٺهندڙ لفظن جي آوازن کان الڳ ڪري پڙهايو ويندو.
تنهنڪري بهتر آهي ته الف بي پڙهائڻ وقت اکر جي آواز ۽ ان مان ٺهندڙ لفظن جي آوازن ۾ فاصلو پيدا ڪري انهن آوازن کي پاڻ مان ملڻ کان بچائجي.
تنهنڪري الف بي پڙهائڻ جو بهترطريقو ڪجھ هن طرح سان آهي.
الف سان اک،ب سان بدڪ،ٻ سان ٻڪ.اهو ئي طريقو انگريزي الفا بيٽ پڙهائڻ لاءِ اڳي ئي رائج آهي.جيئن ته اي فار ايپل،بِي فار بيگ وغيره.

No comments:

Post a Comment